اي بي حليم

اي بي حليم

اي بي حليم

اي. بي. حليم: مشهور تعليمي ماهر ۽ محقق پروفيسر ابوبڪر احمد حـليم پهرين مارچ 1897ع تي ڀارتي رياست بهار جي علائقي ارڪي جهان آباد ۾ جنم ورتو هو. هو تحريڪ پاڪستان جو سرگرم ڪارڪن به رهيو آهي. کيس تاريخ جي موضوع سان گهڻي دلچسپي هئي. اعليٰ تعليم بعد علي ڳڙهه مسلم يونيورسٽيءَ ۾ تاريخ جي شعبي جو سربراهه ٿيو ۽ اڳتي هلي اتي پرو وائيس چانسلر به رهيو. سنڌ يونيورسٽيءَ جي قيام کانپوءِ ان جو 1947ع کان 1951ع تائين وائيس چانسلر مقرر ٿيو. جڏهن سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد منتقل ٿي ته کيس بعد ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو. هن 20 اپريل 1995ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

01.03.1897  عيسوي

ابوبڪر احمد حـليم پهرين مارچ 1897ع تي ڀارتي رياست بهار جي علائقي ارڪي جهان آباد ۾ جنم ورتو هو .


20.04.1995  عيسوي

اي . بي . حليم 20 اپريل 1995ع تي وفات ڪئي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ايوب کوسو 2
ڊاڪٽر ڊرئگو
اليعقوبي
ڊيوڊورس سائڪيولس
پير وفا راشدي ڊاڪٽر
آدم خان پنهور
امانت مغل
هوتچند آڏواڻي
خالد وسير
شامي سيد احمد خالد
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون